اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزي??اع??م محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ج?? مختصر دوري تي روانو ٿي ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وف??قي وزير چيو ته وزي??اع??م گڏيل عرب امارات جي صدر محمد ب?? زايد النهيان سان ملاقات ڪندو ۽ سندس ڀاءُ شيخ سعيد ب?? زايد النهيان جي لاڏاڻي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪندو. مريم اورنگزيب دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم شيخ سعيد ب?? زايد النهيان کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ جي همت ڏي.