اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ق??م پاران انهن جي خان??ان?? جا ٿورا مڃيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن شهيدن ۽ انهن جي خان??ان?? جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ص??ر 9 جون تي ميران شاهه ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر صوبيدار اصغر، سپاهي نسيم شهيد ۽ محمد زمان شهيد جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر 31 مئي تي حيدر خيل ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ثا??ب الرحمان جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ق??م پاران شهيدن جي خان??ان?? جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ پڻ دعا ڪئي. هن پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.