اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تورغر – بونير رستي، بونير – ڪراڪڙ رابطا سرنگهه ۽ تورغر ??? ب??نير آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ضلعي تورغر جو دورو ڪيو. وزيراعظم کي ضلعي تورغر ۾ مختلف ترقياتي ??نصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم تورغر ??? ب??نير رستي، بونير – ڪراڪڙ رابطا سرنگهه ۽ تورغر ??? ب??نير آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ ان موقعي تي ??قامي قبائلي اڳواڻن ۽ صلاحڪارن ملاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر پڻ ان موقعي تي ??وجود هئا. اڳواڻن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ضلعي تورغر ۾ روڊ، پلين ۽ ٻين منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ سان ضلعي تورغر ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي دور ۾ هتي تاريخي منصوبا شروع ڪيا. گذريل حڪومت انهن منصوبن ??ي سردخاني ۾ وجهي ڇڏيو. نواز شريف جي منصوبن ??ي اڳتي ??ڌايو ويندو. بجيٽ ۾ انهن منصوبن جي لاءِ رقم رکي وئي آهي. وفاقي حڪومت منصوبن ??ي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ منصوبي جي معاونت ڪندي. وزيراعظم کي بونير ۾ به مختلف ترقياتي ??نصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ته بونير ۽ تورغر جي ترقياتي ??نصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ۽ انهن کي ترجيحي بنيادن تي ??ڪمل ڪيو وڃي. انهن منصوبن تي ڏينهن رات ڪم ڪيو وڃي ۽ معيار ۽ شفافيت تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو وڃي.