اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24-2023ع ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ 10 ارب رپين جي رقم رکي ??ئي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تقرير دوران ناڻي واري وزير چيو ته ليپ ٽاپ اسڪ??م جنهن کي ??نجاب صوبي ۾ 18-2013ع دوران وڏي ڪاميابيءَ سان هلايو ويو هو. هلندڙ مالي سال ۾ وفاقي حڪومت هڪ لک ليپ ٽاپس ميرٽ جي بنياد تي حقدار شاگردن ۾ ورهائڻ لاء?? جاري ڪندو. ان اسڪيم کي جاري رکڻ لاءِ ايندڙ مالي سال ۾ 10 ارب رپين جي رقم رکي ??ئي آهي.