اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي معاشري خاص طور تي شاگردن ۾ عدم برداشت، انتهاپسندي ۽ تشدد جي روڪٿام جي ??اء?? پنهنجو ڀرپور ۽ فعال ڪرد??ر ادا ڪندي انهن جي مثبت سوچ طرف رهنمائي ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”نيشنل وائيس چانسلرز امن ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام هايئر ايجوڪيشن ??ميشن، نيڪٽا ۽ غيرسرڪاري تنظيم شعور فائونڊيشن ??ڏيل حصيداري سان ڪيو هو. ڪانفرنس ۾ هايئر ايجوڪيشن ??ميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مخت??ر احمد ۽ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز ۽ تعليمي ماهرن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجي انتظاميا ۽ فيڪلٽي ميمبرن جي ??اء?? صلاحيت وڌائڻ جي ??اء?? تربيتي سيشنز جو باقاعده اهتمام ڪرڻ گهرجي ته جيئن شاگردن ۾ شدت پسندي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ڪري سگهجي. هن چيو ته اهڙا قدم شاگردن جي اصلاح کي يقيني بڻائيندا ته جيئن اهي ملڪ جي بهتر مستقبل، پائيد??ر امن ۽ خوشحالي جي ??اء?? پنهنجو ڪرد??ر ادا ڪري سگهن. صدر تحقيق تي ٻڌل سکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته تعليم جي ميدان ۾ شاگردن ۽ عورتن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن. هن چيو ته هر شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي کي نظر ۾ رکندي موجوده حالتن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي هجڻ سان گڏوگڏ موجوده دنيا جي ترقي جي ??اء?? تمام ضروري آهي. هن چيو ته معاشري ۾ سٺن قدرن ۽ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن سڄي دنيا ۾ ”فيڪ نيوز“ جي رجحان جي پڻ نشاندهي ڪئي جنهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اعليٰ تعليم يافته آءِ ٽي گريجوئيٽس کي موجوده ۽ مستقبل جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ??اء?? تيار رهڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت تي خوشي جو اظهار ڪندي صدر چيو ته ايندڙ نسلن جي تعليم ۽ تربيت ۾ عورتن جو ڪرد??ر اهم آهي. هن معاشري کي باشعور بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيئن اهو تعليم يافته عورتن کي انهن جي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جا موقعا پيدا ڪري. صدر شاگردن ۽ معاشري ۾ اخلاقيات، همدرديءَ، درگذر ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته تعليم جي ميدان ۾ ترقي ڪري پاڪستان وڏي تيزي سان ترقي يافته ملڪ بڻجندو، معاشرو تعليم يافته عورتن کي انهن جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جو تعليم ۽ هايئر ايجوڪيشن ۾ اڳتي وڌڻ ضروري آهي، اسان کي اخلاقيات جي اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته پاڪستان کي پنهنجي نوجوان آبادي مان فائدو کڻڻ گهرجي جن تي ڌيان ڏئي انهن کي اعليٰ تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ 2 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي موجوده دور جي گهرجن موجب اعليٰ تعليم يافته آءِ ٽي گريجوئيٽس کي تيار ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته معاشري جي اها خواهش هجڻ گهرجي ته هو ان ڳالهه جو اهتمام ڪري ته تعليم يافته عورتن کي انهن جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري. صدر چيو ته قائداعظم چيو هو ته عورت کانسواءِ ڪا قوم ترقي نه ٿي ڪري سگهي، اسان کي پنهنجي ثقافت ۽ مذهب تان هٽڻ کانسواءِ عورت کي معاشري ۾ ان جو مقام ڏيارڻ جي ??اء?? پنهنجو ڪرد??ر ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ جي ??اء?? جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ??اء?? ضروري آهي ته اها تيزي سان ترقي ڪري، ٽيڪنالاجي جي ترقي جي ??اء?? مستقبل جي ضرورت کي پڻ نظر ۾ رکڻو پوندو.