اوسلو – 06 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري م??لڪ??ي وزير حنا رباني کر ا??سلو ۾ ناروي جي نائب پرڏيهي وزير ا??رلنگ ريمسٽاد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب م??لڪ??ي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ناروي جي امداد تي ??ورا مڃيا. هن پاڪستان ۾ مائيڪرو هائيڊرو پاور پلانٽس ۾ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ گرين انرجي ۽ شپنگ ۽ بليو اڪانومي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران ڳڻتي جي عالمي/ علائقائي مسئلن بشمول ڀارت جي غيرقانوني طور تي ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير، افغانستان ۽ ي??ڪرين جي صورتحال تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.