اسلام آباد – 11 – مئي (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رداري سان ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب وفد جي قيادت ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڪشمير شاخ جو ڪنوينر محمود احمد ساغر ??ري رهيو هو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو ??رداري چيو ته ڀارت جي دوري دوران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري ڀارت جي غيرقانوني قبضي ج?? شڪار والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن اڻٿڪ حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا.