لاهور – 30 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ۽ معيشت جي ترقي کي ترجيح ڏني ويندي، صنعتي شعبي جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ قدم بجيٽ جو حصو هوندا، گذريل حڪومت پنهنجي حڪومت بچائڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف معاهدو ٽوڙيو جنهن جو خميازو 22 ڪروڙ عوام خاص طور تي صنعتن کي ڀوڳڻو پيو، اس??ن سڀ گڏجي ان م??اشي مشڪل مان نڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن صنعتي شعبي جي حوالي سان بجيٽ تجويزن تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ۽ معيشت جي ترقي کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته صنعتي شعبي جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ قدم بجيٽ جو حصو هوندا، آئون پاڻ يقيني بڻائيندس ته صنعتي شعبي جون تجويزون بجيٽ جو حصو بڻايون وڃن. وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ننڍي، وڏي ۽ برآمدي صنعتن جي پيداوار ۾ اضافي جي وچ ۾ ايندڙ سمورين ضروري رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل حڪومت ڄاڻي واڻي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي کي روڪيو، گذريل حڪومت پنهنجي حڪومت بچائڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف معاهدو ٽوڙيو جنهن جو خميازو 22 ڪروڙ عوام خاص طور تي صنعتن کي ڀوڳڻو پيو. هن چيو ته قومن جي زندگي ۾ مشڪلاتون اينديون آهن، پاڪستاني قوم باهمت قوم آهي، اس??ن سڀ گڏجي ان م??اشي مشڪل مان نڪري رهيا آهيون. هن چيو ته حڪومت، پوري قوم، صعتڪار ۽ ڪاروباري شخصيتون گڏجي پاڪستان جي بهتر حالتن لاءِ محنت ڪري رهيا آهن. وز??راعظم چيو ته گذريل هڪ سال شرپسند عنصرن ڪڏهن لانگ مارچ ته ڪڏهن شارٽ مارچ ۽ ڌرڻن سان ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، 9 مئي جي واقعن نه رڳو ملڪ ۾ شر پکيڙيو پر پاڪستان کي شديد معاشي نقصان پهچايو. هن چيو ته حڪومت صنعتن کي سستي توانائي فراهم ڪري انهن جي پيداواري لاڳت وڌيڪ گهٽ ڪندي، حڪومت اهو به يقيني بڻائيندي ته بئنڪون ننڍين صنعتن کي آسان شرطن تي قرض فراهم ڪن. وز??راعظم شهباز شريف صلاحڪار احد چيما کي اجلاس ۾ صنعتڪارن پاران ڏني ويندڙ تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ناليوارا صنعتڪار ۽ سيڙپڪار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. ان کانسواءِ وفاقي وز??رن اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، احسن اقبال، مخدوم مرتضيٰ محمود، انجنيئر خرم دستگير خان، پيٽروليم واري مملڪتي وز??ر داڪٽر مصدق ملڪ، وز??راعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، قومي اسيمبلي ميمبر قيصر شيخ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ واپار واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران م??تلف شعبن پاران تجويزون پيش ڪيون ويون. ان کانسواءِ صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن پڻ ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي انهن تجويزن تي تفصيلي ورڪنگ ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.