پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور پهچي ويو. خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي وزيراعظم جو ??ستقبال ڪيو. انجنيئر امير مقام پڻ ان موقعي تي موجود هو. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ٻيا وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم ريڊيو پاڪستان پشاور جو ??ورو ڪندو جنهن جي عمارت تي 9 مئي 2023ع تي حملو ڪيو ويو هو. وزيراعظم کي ريڊيو پاڪستان جي عم??رت?? رڪارڊ ۽ نشريات کي پهچندڙ نقصان ۽ بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم گورنر هائوس پڻ ويندو جتي کيس امن امان جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. خيبرپختونخواهه جي سياسي قيادت پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪندي.