اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي حڪومت ملڪ کي درپيش چئ??ينجز کي متحد ٿي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان جي متحد رهڻ سان مخالفن جون ننڊون حرام ٿي چڪيون آهن، آءِ ??يم ايف سان معاهدي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ??ول ۽ فوجي قيادت ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتحادي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته اتحادي مشاورت سان فيصلا ڪن ٿا، فيصلا مڙهين نه ٿا، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت سمورن اتحادين ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيرا??ظم نواز شريف سميت سمورين اتحادي پارٽين ڀرپور تعاون ۽ ساٿ ڏنو، تمام گهڻيون مشڪلاتون آهن، نيڪ مقصد جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، هتي ڦرلٽ ۽ ڪرپشن نه ٿي رهي آهي، اڪيلو ڪجهه نه ڪري سگهندو هئس، ساٿ ڏيڻ تي اتحادين جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ڪابينا، پارليامينٽ ۽ اعليٰ عدليه جي وچ ۾ گذريل ڪجهه هفتن کان ڪجهه معاملا هلي رهيا آهن، دنيا حيران ۽ پريشان آهي ته ڪڏهن اڄ تائين ائين ناهي ٿيو ته هڪ قانون جنهن حتمي شڪل اختيار ناهي ڪئي ۽ ان تي اعليٰ عدليه جي ٽي رڪني بئنچ چئ?? ڇڏي ته صدر ان قانون تي ڪا راءِ ڏي يا نه ڏي، نافذ العمل نه هوندو، اڄ بار ڪائونسلز اسان جي محبت ۾ نه قانون جي عملداري ۽ اهڙا فيصلا جنهن سان آئين ۽ عدل جي نظام کي نقصان پهچي سگهي ٿ?? ان جي خلاف بيهي رهيون، اهي چون ٿا ته اه?? انصاف جي گهرجن موجب نه آهي. وزيرا??ظم چيو ته سمورن معاملن تي سياسي پارٽين جي نمائندن کلي پنهنجي راءِ ??و اظهار ڪيو، اها ان ڳالهه جي گواهي آهي ته اتحادي حڪومت صدق دل سان ڪوشش ڪريرهي آهي ته ان سفر کي منطقي انجام تائين پهچائي، رڪاوٽون ختم ڪري، اسان جي مخالفن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ته هي اتحاد برقرار آهي، انهن پارٽين جدا رستو اختيار ڇو نه ڪيو، اسان جو اتحاد ڪاميابي اهي، ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آءِ ??يم ايف جو معاملو آخري مرحلي ۾ آهي، پئسن جي آخري شرط به پوري ڪري ڇڏي آهي، ناڻي واري وفاقي وزير ننڊون حرام ڪري ڪوشش ڪئي، پرڏيهي وزير ڀرپور ڪوشش ڪئي، اهو ملڪ جي لاءِ ??لوص، درد ۽ عزم جو اظهار آهي، سپهه سالار به ان حوالي سان بي پناهه ڪوشش ڪئي آهي، هي اهي چئ??ينجز آهن جنهن جيڪي اسان سڀني کي درپيش آهن، اسان جنهن ٻيڙي ۾ سوار آهيون ان کي ڪناري لڳائينداسين، ڪُن ۾ نه ڇڏينداسين، الله جي نصرت سان مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته هن ئي مهيني جي آخر ۾ چين جي نئين وزيرا??ظم سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيرا??ظم چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چئ?? ملڪن جي اجلاس جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته وزيرا??ظم بڻجي جيڪا ذميواري ڏني وئي ان کي پورو ڪندس.