ڪراچي – 03 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ??ي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل کي ملڪ جي نظام عدم ۽ انصاف تي ڪارو ڌٻو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀٽو خاندان ??ي هاڻي ٽئين نسل اعليٰ عدليه کان ??نصاف جي منتظر آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران ??اري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين شهادت جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ کي متفقه آئين ڏيندڙ وزيراعظم جي عدالتي قتل جي حوالي سان ??دارتي ريفرنس گذريل 12 سالن کان ??پريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي ۽ انهن 4382 ڏينهن دوران ??سان ??ي نظام عدل ۽ انصاف وٽ ڀٽو جي فرياد ٻڌڻ جي لاءِ هڪ منٽ به ميسر نه آهي. هن چيو ته ٻڌايو وڃ?? ته انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀٽو خاندان ??ي وڌيڪ ڪيترين نسلن کي انتظار ڪرڻو پوندو؟ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تاريخ ڀٽو جي بيگناهي جي حق ۾ ايترا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن جو ان ??ي بدترين دشمن ??ي به هاڻي اهو چوڻو پوي ٿو ته قائد ع??ام سان ??لم ٿيو. اعليٰ عدليه کي اپيل ڪريان ٿو ته 2 اپريل 2011ع تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران ??رٽيڪل 186 تحت موڪليل صدارتي ريفرنس کي جلد ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃ??. پيپلزپارٽي چيئرمين قائد ع??ام کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مدبر قيادت ۾ پاڪستان ??ياسي، سفارتي، معاشي، دفاعي ۽ معاشرتي لحاظ کان ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا. عوام ۾ سياسي شعور، ملڪ جو پهريون متفقه آئين، زرعي ۽ معاشي سڌارا، ائٽمي پروگرام جي شروعات، پاڪ چين دوستي جو بنياد ۽ پاڪستان کي اسلامي دنيا جو سفارتي طور تي گادي وارو شهر بڻائڻ شهيد ڀٽو جي ڪارنامن جا ڪجهه مثال آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جو ڏهاڙو وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جمهوريت، 1973ع جي آئين، پارلياماني بالادستي، مزدورن، آبادگارن، اقليتن ۽ عورتن جي حقن ۽ معاشري ۾ ڀائيچاري ۽ برابري تان ڪنهن به قيمت تي دستبردار نه ٿيندي.