اسلام آب??د ?? 04– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ تي هڪ ڀ??رو ٻيهر ع??ل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل تي صدارتي ريفرنس تي عمل ٿيڻ گهرجي ۽ فل ڪورٽ کي ويهي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته شهيد ڀٽو جي حوالي سان پوري دنيا کي خبر آهي ته اهو هڪ عدالتي قتل هو، فيصلو ڪندڙن ۾ هڪ جج بعد ۾ پنهنجي ياداشتن ۾ به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو آئين جي بانين مان هو ۽ اها ملڪ جي تاريخي خدمت هئي جنهن کي ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته هي ڪهڙو تاريخ جو جبر آهي جو اڄ 4 اپريل آهي ۽ شهيد ڀٽو جو جوڊيشل مرڊر انهي تاريخ تي ٿيو. وزيراعظم چيو ته اڄ ئي اليڪشن جي حوالي سان هڪ ڀ??رو ٻيهر 4 اپريل تي ع??ل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي.