اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عاف??ه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گ??وگ?? واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. هن وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي حڪومت پا??ان ڊاڪٽر عاف??ه جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ درخواست ڪئي ته حڪومت ڊاڪٽر عاف??ه جي جلد آزادي جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌائي. وزيراعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي پاڪستان حڪومت پا??ان مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عاف??ه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گ??وگ?? واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڊاڪٽر عاف??ه جي لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر فوز??ه جي ڪيترن ئي سالن کان اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو ۽ ڊاڪٽر عاف??ه جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف به ڊاڪٽر عاف??ه جي آزادي جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي.