اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان شام ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن تي گهري افسوس ج?? اظهار ڪندي ڀائر ملڪ کي هر ممڪن امداد فراهم ڪرڻ جو ??علان ??يو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام شام ۾ ايندڙ هڪ ٻئي پٺيان ٻن زلزلن جي ڪري وڏي پئماني تي تباهي تي انتهائي ڏک ۽ صدمي ۾ آهي. ترجمان ??يو ته اسان سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي ج?? اظهار ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ??ي دعا ڪريون ٿا. پاڪستان ??ک جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي شامي ڀائرن ?? ڀينرن سان يڪجهتي ج?? اظهار ڪري ٿو ۽ امدادي سرگرمين ۾ هر ممڪن تعاون جي لاءِ تيار آهي.