اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان چين جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ سگهه ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي دوستي جو واضح ثبوت آهي، ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ڪي ٿري منصوبي جو افتتاح چين پاڪستان جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه جو عڪاس آهي، ڪي ٿري منصوبو پاڪستان جي ڊگهي مدي واري معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن جي وائيس چيئرمين ليوجينگ ۽ پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پنگ چن شوئي جي قيادت ۾ آيل وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، بجلي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، و??ير??عظم جو صلاحڪار احد چيما، خاص معاون طارق فاطمي، طارق باجوه، جهازيب خان ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود ه??ا. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان چين جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ سگهه ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي دوستي جو واضح ثبوت آهي. ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ڪي ٿري منصوبي جو افتتاح چين پاڪستان جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام جو عڪاس آهي، اهو پاور پلانٽ نه رڳو پاڪستان جي وڌن??ڙ بجلي جون ضرورتون پوريون ڪندو پر گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي فراهم ڪندو ۽ پاڪستان جي ڊگهي مدي واري معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ملا??ات ۾ و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته چين پاڪستان ۾ نيوڪليئر انرجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ان حوالي سان جلد وفدن جي سطح تي ملاقاتن جي شروعات ڪئي ويندي جنهن جي و??ير??عظم آجيان ڪئي.