اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف انور ابراهيم کي ملائيشيا جي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شه??از شريف انور ابراهيم کي ملائيشيا جي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻڻ تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هو ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان سان گڏجي ڪم ڪ??ڻ جو خواهشمند آهي.