بيجنگ – 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ چي?? جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايم ايل ون کي شروعاتي هارو??سٽ منصوبي جي طور تي شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي ا??فاق ڪيو ويو جڏهن ته چي??ي صدر پاڪستان جي لاءِ 50 ڪروڙ يوان جي ا??افي امداد جو اعلان ڪيو، ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ سي پيڪ جي افغانستان تائين توسيع تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چي??ي ڪميونسٽ پارٽي جي 20 هين مرڪزي ڪميٽي جو ٻيهر جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي صدر شي جن پنگ کي مبارڪباد ڏني. هن ملڪ ۾ هولناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڏس ۾ پاڪستان جي امداد، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ چي?? جي اڻٿڪ مدد تي پڻ ان جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳ??اڻ?? پاڪ چي?? ٻطرفن لاڳاپن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي لاءِ پنهنجي وابستگي کي ??رج??يو جيڪا هر آزمائش ۾ پوري لٿي آهي. ٻنهي ملڪن امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي پنهنجي گڏيل ويزن کي عملي جامعو پارائڻ ۾ مضبوطي سان گڏ بيٺل آهن. چي?? سان پاڪستان جي منفرد تاريخي لاڳاپن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪا م جي لاءِ ٻطرفي دوستي جي عزم کي ??رج??ئيندي وزيراعظم شهباز شريف ان ڳالهه جو ڀرپور ??رج??ءُ ڪيو ته پاڪ چي?? دوستي پاڪستان ۾ سياسي سطح تي مڪمل اتفاق راءِ رکي ٿي ۽ اهو بين الرياستي لاڳاپن جو هڪ نمونو آهي. وزيراعظم چي?? جي خوشحالي جي لاءِ صدر شي جن پنگ جي قيادت ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي ويزن کي خراج تحسين پيش ڪندي چي?? ته پاڪستان کي چي?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي قومي عزم سان تحريڪ ملي آهي. ٻنهي اڳ??اڻ?? دفاع، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، صحت، تعليم، گرين انرجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري سميت ڪيترن ئي معاملن تي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سي پيڪ جي لاءِ پنهنجي گڏيل وابستگي کي ??رج??يو ۽ ان ڳالهه کي ا??اگر ڪيو ته سي پيڪ جي ا??ليٰ معياري ترقي پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. ٻنهي اڳ??اڻ?? ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته اسٽريٽجڪ اهميت جي منصوبي جي طور تي ٻئي ڌريون سي پيڪ جي فريم ورڪ تحت ايم ايل ون کي شروعاتي هارو??سٽ منصوبي طور شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪندا. هنن ڪراچي ۾ ماس ٽرانزٽ منصوبي جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي جلد شروع ڪرڻ جي لاءِ سمورين رسمي ڪاررواين کي حتمي شڪل ڏيڻ تي ا??فاق ڪيو. هنن دوري دوران ٻطرفي تعاون جي وسيع معاملن جو احاطو ڪندڙ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي پڻ ساراهيو. صدر شي جن پنگ يقين ڏياريو ته چي?? پائيدار اقتصادي ترقي ۽ جيو اڪنامڪ مرڪز طور پنهنجي صلاحيتن کي ا??تعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن جي لاءِ 500 ملين يوان جي ا??افي امداد جو پئڪيج جو پڻ اعلان ڪيو. ٻنهي اڳ??اڻ?? عالمي ماحول ۾ تيزي سان تبديلي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اقتصادي چئلينجنک ي وڌائي ڇڏيو آهي. هنن برابري ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون تي پنهنجي گڏيل يقين جي توثيق ڪئي جيڪو عالمي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آهي. هنن ان ڳالهه تي ا??فاق ڪيو ته موسمياتي تبديلي، صحت جي وبائي مرضن ۽ وڌندڙ اڻبرابري جهڙن موجوده چئلينجن جي لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن موجب رياستن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر شي جن پنگ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال سميت خطي سان لاڳاپيل اهم معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳ??اڻ?? اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي سلامتي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندو. هنن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته سي پيڪ جي افغانستان تائين توسيع سان علائقائي رابطن جي قدمن کي سگهه ملندي. وزيراعظم سي شي جن پنگ کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.