اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي سان جاپان لاءِ پاڪستان جي نامزد س??ير رضا بشير تارڙ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي نامزد س??ير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ موجوده ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن ک?? تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جاپان ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ اقتصادي، ڪاروباري لاڳاپن ۽ انساني وسيلن جي ترقي اتي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر فيٽف ۾ جاپان جي پاڪستان جي لاءِ مسلسل حمايت کي ساراهيندي چيو ته نامزد س??ير پاڪستان جي واجب الادا قرضن جي ادائيگي معطل ڪرڻ جي لاءِ فيصل?? تي جاپان جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته بنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو 2.56 ارب ڊ??لر جي لڳ ڀڳ آهي. صدر پاڪستان سان جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) جي ترقياتي تعاون کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته نامزد س??ير ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون جي نئين ۽ اعليٰ سطح?? تي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري. ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته جاپان ۾ آءِ ٽي، انساني وسيلن، آن لائين خدمتن جي فراهمي ۽ جاپاني تعليمي ادارن ۽ صنعت سان تعاون جي لاءِ نوان رستا ڳوليا وڃن. صدر چيو ته جاپان پاڪستان جي ترقي لاءِ اڻٿڪ تعاون ڪيو آهي، تاريخ ۾ مجموعي طور تي اٽڪل 13 ارب ڊ??لر جي امداد سان جاپان جو ٻيو وڏو حصيدار آهي. هن پاڪستاني مصنوعات کي جاپاني منڊين ۾ ڊيوٽي فري پهچ ڏيڻ، ٽيرف گهٽ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.