ڪوئيٽه-16 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته بلوچستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ريلوي ٽريڪس کي تمام گهڻو نقصان پهتو ??هي?? معطل ٿيل ريلوي روٽس جي بحاليءَ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون. ڪوئيٽه- تفتان ريل ٽريڪ 30 سيپٽمبر تائين بحال ڪيو ويندو. ڪوئيٽه ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب ريلوي نيٽ ورڪ خراب طرح متاثر ٿيو ??هي?? ڊيرا الهيار کان جيڪب آباد تائين 11 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ پاڻيءَ ۾ ٻُڏل ??هي?? ٻوڏ سبب ڪوئيٽه- تفتان ريلوي ٽريڪ 104 هنڌن تان متاثر ٿيو ??هي?? جنهن کي 30 سيپٽمبر تائين بحال ڪيو ويندو. متاثر علائقن ۾ ٻوڏ ۽ برسات ج?? پاڻي جيئن ئي گهٽبو مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويندو. اي?? سي، اي?? اي?? سي ۽ آرمي جي سهڪار سان متاثر ريلوي پٽڙيءَ جي بحاليءَ ۾ مصروف آهيون. هن چيو ته ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن ترجيح آهي. گوادر ۾ به ريلوي آفيس قائم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته 5 ڏينهن کان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريلوي نظام کي پهتل نقصان جو جائزو وٺي رهيو ??هي??ن. تاريخ ۾ پاڪستان ريلوي کي ڪڏهن به ايترو نقصان ناهي ٿيو، پر پرعزم آهيون ته ڏينهن رات هڪ ڪري ريلوي سروس کي بحال ڪري عوامي ڏُکيائين جو ازالو ڪيو ويندو. پريس ڪانفرنس ۾ ريلوي وار?? وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون.