سکر-10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کي پاڪستان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ يقين ڏياريو آهي، ته هو گڏيل قومن جا سمورا اختيار استعمال ڪري پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪندو. سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش وزيراعظم شھباز شريف ۽ پرڏيھي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ سان خصوصي اڏام وسيلي سکر ايئرپورٽ پھتو. جتي ??نڌ جي وزيراعلي’ سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين سندن استقبال ڪيو. استقبال بعد سکر ايئرپورٽ جي وي آءِ پي لائونج ۾ ??نڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ??نڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي انتهائي افسوس آهي، اسان کي ٻوڏ جي صورتحال جو احساس آهي، ماحولياتي آلودگي کي گھٽ ڪ??ڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلي دنيا لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، جنهن سان ه?? وقت پاڪستان وڙهي رهيو آهي. اسان کي مستقبل ۾ اهڙن چئلينجن جو به مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گھرجي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جاني ۽ مالي نقصان کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن. هن چيو ته اسان پاڪستان کي هن ڏکي وقت ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگ??ون?? عالمي برادري هن وقت پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي اچي. پاڪستان ه?? وقت دنيا جي انهن ملڪن ۾ فرنٽ لائين تي شامل آهي، جنهن کي موسمياتي تبديلي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان موقعي تي ??نڌ جي وڏي وزير بريفنگ ڏيندي چيو ته هن سال ??نڌ ۾ 1185 ملي مليٽر برسات پئي آهي. رڳو ??نڌ ۾ برسات ۽ ان جي ٻوڏ سبب 537 ماڻهو فوت ٿيا آهن. 2010ع واري ٻوڏ ۾ ??نڌ جا 6 ضلعا متاثر ٿيا هئا. هن ڀيري ??نڌ جا 24 ضلعا شديد متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن. لکين گھر ڊهي پيا آهن. مواصلاتي نظام، زراعت، لائيو اسٽاڪ، صحت، تعليم جي شعبي کي لکن جو نقصان پهتو آهي. روڊ، ريلوي ٽريڪ اڃا تائين پاڻي ۾ ٻڏ?? آهن. هن وقت به اسان کي 30 لک خيمن ۽ مڇر دانين جي ضرورت آهي. متاثر علائقن ۾ جانورن لاءِ خوراڪ جي کوٽ آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ??نڌ ۾ روڊن جي بحالي لاءِ شروعاتي طور اربين روپين جي ضرورت آهي. اسڪولن، اسپتالن جي بحالي لاءِ 5 ارب روپين جي ضرورت آهي. متاثرن جي بحالي تمام وڏو چئلينج بڻيل آهي. رڳو ڪراچي جي انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ 10 ارب روپين جي ضرورت آهي. هن وقت متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ عالمي برادري تعاون ڪري. بريفنگ ۾ شرڪت کانپوءِ گڏيل قومن جو سيڪريٽري ??نڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دوروڪر لاءِ وزيراعظم ۽ ٻين سان گڏي ھيلي ڪاپٽر ۾ روانو ٿي ويو.