پشاور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ب??لي بحالي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ??رجيح آهي. پيسڪو عملدارن سان ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ متاثر ب??لي جي نظام جي بحاليءَ جي ح??الي سان اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي ٻوڏ سبب ب??لي انفراسٽرڪچر کي پهتل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ هتي دؤرو ڪري رهيو آهيان. اجلاس ۾ پيسڪو چيف محمد جباز خان، چيف ايگزيڪيوٽو، پيسڪو عملدارن کانسواءِ لوئر دير ضلعي مان صوبائي اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. پيسڪو عملدارن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته پشاور سرڪل ۾ 4 فيڊرز متاثر ٿيا، جنهن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته ترناب، ابزئي ۽ـ گل بيله 2-1 مڪمل طور تي فعال آهي، پيسڪو عملدارن ٻُڌايو ته صوبي ۾ سوات سرڪل سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو جتي 3 گرڊ اسٽيشن مدين، مٽه ۽ منڊا کي ڪافي نقصان پهتو آهي جنهن سان ب??لي جي رسد بند آهي. پيسڪو عملدار مطابق انهن گرڊز جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي ۽ 12 سيپٽمب تائين مڪمل ڪيو ويندو. پيسڪو عملدارن وفاقي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته نوشهره ۽ـ چارسده ضلعي ۾ متاثر فيڊرز ۽ ٽرانسميشن لائنز جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. وفاقي وزير پيسڪو عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته صوبي ۾ ب??لي جي نظام جي بحاليءَ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ وزارت طرفان بحالي آپريشن جي ن??رانيءَ لاءِ جوائنٽ سيڪريٽري عالم زيب کي مقرر ڪيو ويو آهي.