سکر – 26 211; ??گسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف توانائي واري وز??ر کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ريليف ڪئمپ ۾ پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وز??ر سيد خورشيد شاهه، سنڌ جي وڏي وز??ر سان گڏ ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي عملدارن وز??راعظم کي متاثرين جي بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني. سکر ۾ بريفنگ دوران وز??راعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري شهرن جو رابطو ڪٽجي ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي، ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري مواصلاتي رابطو ڪٽجي ويو آهي، شهر ۽ ڳو??ن جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، ٻوڏ سبب لائيو اسٽاڪ ۽ فصلن کي پڻ نقصان پهتو. وز??راعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 43 فلڊ ريليف ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن، فلڊ ريليف ڪئمپن ۾ متاثرين کي دوائون ۽ کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي وز??راعظم محمد شهباز شريف توانائي واري وز??ر کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ وز??راعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان ملاقات پڻ ڪئي.