ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر مير سليم کوسا چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ڪيترن ئي سالن کان غيرقانوني طور تي ڀارتي فوج جي گهيري ۾ آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جو ??لسلو جاري آهي. مودي سرڪار 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت تبديل ڪري مع??وم ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ڪشمير استحصال ڏاهڙي جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي اسيمبلي ميمبر مير سليم کوسا چيو ته تڪراري علائقي جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪرڻ، گڏيل قومن جي قراردادن ج?? خلاف ورزي آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي هٿان هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن جي??و انساني حقن جي تنظيمن جي لاءِ پڻ سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري جي اخلاقي ذميواري آهي ته اها ڪشميرين جي انساني ۽ سياسي حقن جي لاءِ آو??ز اٿاري. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ انهن جي خودمختياري جي حق سان گڏ بيٺل آهي. بلوچستان جي عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ويٺل آهي. عالمي اڳواڻن جي خاموشي ڀارت کي ڪشمير تي غيرقانوني قبضي ۽ ظلمن کي جاري رکڻ جو ??واز فراهم ڪري رهي آهي. الله تعاليٰ ڪشميري عوام کي انهن جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪاميابي عطا فرمائي.