اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ اير??ن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي، پولان گوادر منصوبي جي ذريعي ايران سان اضافي 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿي??دي، عالمي برادري جي مسلسل حمايت سان ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ پنهنجي امنگن موجب خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا، افغان عوام کي منجمند اثاثن تائين پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ م??ن جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ اير??ن جي سفير سيد علي محمد حسيني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم بلوچستان ۾ ٻيلن جي باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ اير??ن جي وقت سر مدد تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته ??هو اس??ن جي ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جو ثبوت آهي، وزيراعظم ايراني قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل جاگرافي، گڏيل ورثي ۽ عوام کان عوام جي رابطي تي ٻڌل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن ان ڳالهه تي به ??ور ڏنو ته ??س??ن جا تاريخي لاڳاپن جي پيش نظر هن سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ٻنهي ملڪن کي شاندار طريقي سان ملهائڻ گهرجي، وزيراعظم ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ موجود وسيع گنجائش جي رڪاوٽن تي ضابطو آڻي ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولي فائدو کڻڻ گهرجي، هن پولان گوادر منصوبي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي به ??ور ڏنو جنهن جي ذريعي ايران کان پاڪستان کي اضافي 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿي??دي، وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير مسئلي تي ايران ۽ خاص طور تي سپريم ليڊر طرفان ڪشمير مسئلي تي مسلسل حمايت تي ٿورو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ??المي برادري جي مسلسل حمايت سان ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ??ن جي پنهنجي خواهشن موجب پنهنجو خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا. افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي صورتحال جي خرابي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته ??فغانست??ن جي عوام کي منجمند اثاثن تائين پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي. هن افغانست??ن جي صورتحال تي بنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي ساراهيو، اير??ن جي سفير سيد علي محمد حسيني وزيراعظم شهباز شريف جي منصب سنڀالڻ تي ايراني قيادت پاران مبارڪباد ڏني ۽ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانستان سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي مشاورت کي به اجاگر ڪيو، اعليٰ سطحي دورن جي اهميت تي ??ور ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف ايراني قيادت کي پاڪست??ن جي دوري جي دعوت ڏني.