اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شيخ محمد بن زيد النهيان کي گڏيل عرب امارات جو صدر چونڊجڻ تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سا?? پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو، نئين صدر جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳ??پا وڌيڪ مستحڪ?? ٿيندا. صدر چيو ته اميد آهي ته گڏيل عرب امارات توهان جي قيادت ۾ ترقي جو?? وڌيڪ منزلون طئي ڪندو.