اسلام آباد – 07 – مارچ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته يوڪرائن جي صورتحال سان اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثر پوندا، هتي حالتن کي معمول تي آڻڻ ?? فوري سيز فائر جي ضرورت آه??. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ??ه هن يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان يوڪرائن جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ?? فوجي تڪرار جاري رهڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثرن تي روشني وڌي. هن فوري سيز فائر ۽ حالتون معمول تي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن انساني امداد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??ه تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري سان حل ڪرڻ جي ضرورت آه??، اسان ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ??ه پاڪستان جهڙا ملڪ ان صورتحال ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ??ه هو گڏيل مقصدن جي فروغ لاءِ ويجهي رابطي جو خواهشمند آه??.