اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طاقتور کي قانون جو تابع بڻائڻ جهاد آهي، انصاف جي نظام ۾ سڌارن جو مقصد عام ماڻهو کي انصاف فراهم ڪرڻ ۽ طاقتور کي قانو?? جي تابع آڻڻ آهي، فوجداري قانون نظام ۾ سڌارا قانو?? جي حڪمراني طرف هڪ وڏو قدم آهي، حڪومت پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو آهي هاڻي عدليه ۽ وڪيل فوجداري قانونن ۽ نظام انصاف ۾ سڌارن تي عملدرآمد ڪرائين، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو علاج جي مفت سهولت جي فراهمي لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڏنا پيا وڃن، اليڪشن ۾ اي وي ايم ٽيڪنالاجي آڻي رهيا آهيون، ريڪوڊڪ ڪيس سان پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، اوورسيز پاڪستانيز ملڪ ۾ قانو?? جي حڪمراني نه هجڻ جي ڪري سيڙپڪاري نٿا ڪن، هنن ملڪ ۾ سيڙپڪاري شروع ڪري ڇڏي ته ڪنه?? جي اڳيان هٿ نه ٽنگڻو پوندو، اسلام واراثت ۾ عورتن جو حق مختص ڪري رکيو آهي، هاڻي اهو نٿو ٿي سگهي ته کين جائيداد ۾ حصو نه ملي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن فوجداري قانون ۽ نظام انصاف ۾ سڌار?? جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته قانو?? جي حڪمراني کانسواءِ ڪو به ملڪ ۽ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، اڄ تائين ڪنهن معاشري انصاف جي نظام ۽ قانو?? جي حڪمراني کانسواءِ ترقي ناهي ڪئي، اسا?? جي ملڪ ۾ انصاف جو نظام آهستي آهستي اهڙو بڻجندو ويو ته طاقتور ان مان فائدو کڻندو رهيو ۽ ان کي ڪو به پڪڙي نه سگهندو هو جڏهن ته عام ماڻهو سا?? جيلون ڀريل آهن، انصاف جو نظام ٺيڪ نه هجڻ جي ڪري قانو?? جي حڪمراني کي نقصان پهتو آهي. تعليم جو نظام به خراب ٿي ويو، ڪڏهن سرڪاري اسڪولن جو نظام تمام گهڻو سٺو هوندو هو ۽ مشهور دانشور ان مان تعليم حاصل ڪري نڪرندا هئا پوءِ ان سان گڏوگڏ پرائيويٽ ۽ انگلش ميڊيم اسڪول جو نظام به اچي ويو ۽ اتي هڪ اشرافيه تيار ٿيڻ لڳي جنهن کي ٻي?? جي ڀيٽ ۾ بهترين نوڪريون ملنديون هيون. اسا?? جي اسپتال?? جي به اها ئي صورتحال رهي ۽ آهستي آهستي اسان جون سرڪاري اسپتالون به پوئتي رهجي ويون. امير طبقي جي علاج لاءِ نجي اسپتال موجود هئا جڏهن ته تمام وڌيڪ امير ماڻهو علاج ڪرائڻ ٻاهر هليا ويندا هئا، وزيراعظم چيو ته فوجداري قانونن ۾ سڌارا پهريون ڀيرو ملڪي تاريخ ۾ ڪيا پيا وڃن، ضابطه ديواني ۾ پهرين اسان اهو ڪم ڪري چڪا آهيون ۽ انصاف جي نظام ۾ سڌارن جو مقصد عام ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ ۽ طاقتور کي قانو?? جي تابع آڻڻ آهي.
وزيراعظم چيو ته مدينه جي ر??اس?? اها پهرين ر??اس?? هئي جنهن دنيا جي تاريخ ۾ هڪ عظيم انقلاب برپا ڪيو ۽ قرارداد مقصد جو ماڊل به مدينه جي ر??اس?? ئي هئي جنهن جا ٻه بنيادي اصول هئا، هڪ فلاحي ر??اس?? جو قيام ۽ ٻيو قانو?? جي حڪمراني. ملڪ ۾ پهريون ڀيرو يونيورسل هليٿ ڪوريج ڏني پئي وڃي ۽ عام ماڻهو کي علاج جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ فراهم ڪيا پيا وڃن، دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به اهڙي طرح جو نظام موجود نه آهي ۽ اهو فلاحي ر??اس?? جي قيام طرف هڪ وڏو قدم آهي جڏهن ته فوجداري قانون ۽ نظام انصاف ۾ سڌارا قانو?? جي حڪمراني طرف هڪ اهم قدم آهي، هجرت م??ينه کانپوءِ مسلمانن پهريان پنج سال ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏنو پر انهن پنج سالن ۾ قانو?? جي بالادستي قائم ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عدالتي نظام آهستي آهستي ڪمزور ٿيندو ويو، طاقتور ۽ ڪمزور جي لاءِ ڌار ڌار قانون هئا. هن چيو ته ليگل سسٽم ٺيڪ نه ٿيڻ سان قانو?? جي حڪمراني ممڪن نه آهي. پاڪستا?? جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قانو?? جي حڪمراني قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ سڌارن جو مقصد عام ماڻهو کي انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي، ان جو سڀ کان وڏيڪ فائدو عام ماڻهو کي ٿيندو، معاشري ۾ انصاف سان ئي ترقي ٿيندي، ڇاڪاڻ جو طاقتور کي چوري جي سزا ناهي ملندي ۽ ڪمزور ڦاسي ويندو آهي.