اسلام آباد – 18 فيبر??ري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ صحافين جي آواز کي دٻائڻ جي سخت مذمت ??ريون ٿا، وزيراعظم آءِ جي سنڌ کان ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو ته شهيد صحافي عبدالعزيز ميمڻ جي گهرڀاتين کي يقين ڏياريون ٿا ته انهن کي مڪمل انصاف ملندو ۽ ذميوارن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائينداسين.