سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس ??اشق اعواڻ چيو ??هي ته مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ساٿين جي سياست کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي عوام رد ڪيو ??هي اهي چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، ٻانهون کنجي عوام کي درس ڏيندڙ تبليغي ٽولي جي ڪرپشن جي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي، مسيحا جو ويس بدلائي گهمندڙن جا ??وڙ?? چهرا عوام جي سامهون بي نقاب ٿيڻ وڃي رهيا آهن، سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس ??اشق اعواڻ چيو ته ملڪي معيشت ۾ استحڪام کانپوءِ عوام جي رليف جون ٿڌيون هوائون هلي رهيو آهن، حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته اهڙي طرح جي ص??رتحال ۾ جڏهن عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي ??هي ته اهڙي ماحول ۾ سياسي يتيمن جو ٽولو پنهنجو پاڻ کي سياسي محاذ تي زنده رکڻ لاءِ لطيفا ٻڌائيندو رهندو آهي.