اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي عوام جي زندگين ۾ بهتري جي لاءِ سارڪ کي بهتر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڏکڻ ايشيا جي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) کي متحرڪ تنظيم بڻائن جي ضرورت آهي ته جيئن تنظيم جي ميمبر ملڪن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ خطي جي ملڪن جي عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي. هت?? ايوان صدر ۾ نيپال جي عهدو ڇ??ين??ڙ سفير سيوالامسال آڌيه ڪاري صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان ڀارت جي مسئلن تي ٻڌل ل??ڳاپن جي ڪري هن وقت خطي جي سلامتي کي خطرا درپيش آهن، هن چيو ته ڀارت پاران غير قانوني والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير سميت ٻين اقليتن جي خلاف ڀارت جي انتهاپسنداڻا قدم ڳڻتي جوڳا آهن.