اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف بنون اتر وز??رستان ۽ ڏکڻ وز??رستان ۾ خوارجي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پ??ش ڪيو آهي جنهن ۾ 13 خوارجين کي جهنم واصل ڪيو ويو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم انهن ڪاررواين ۾ 13 خوارجي دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پ??ش ڪندي انهن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي ميجر محمد اويس کي خراج عقيدت پ??ش ڪيو. وز??راعظم شهيد ميجر اويس جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم شهيد ميجر اويس کي سلام پ??ش ڪري ٿي ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.