قاهره – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ڊي – 8 سر??را??ي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قاهره پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 کان 19 ڊسمبر تائين قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ اس??ند?? 8 ملڪن جي 11هين سر??را??ي اجلا?? ۾ ??اڪستاني وفد جي قيادت ڪرڻ جي لاءِ مصر جي سرڪاري دوري تي قاهره پهچي ويو. عرب جمهوريه مصر جي پبلڪ بزنس سيڪٽر واري وزير محمد شميمي ۽ قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني ج?? عملي هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. 11هين ڊي – 8 سمٽ جو موضوع ”نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ سمال ميڊيم انٽرپرائيزز کي فروغ ڏيڻ: سڀاڻي ج?? معيشت جي ج??ڙجڪ“ آهي. سر??را??ي اجلا?? ۾ ??زيراعظم هڪ مضبوط ۽ جامع معيشت جي ج??ڙجڪ جي لاءِ نوجوانن ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز (ايس ايم ايز) ۾ سيڙپڪاري ج?? اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي حوالي سان غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊي – 8 جي خصوصي سر??را??ي اجلا?? ۾ ??ڻ شرڪت ڪندو. سر??را??ي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن. پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شامل آهن. 1997ع ۾ استنبول ۾ قائم ڪيل ڊي – 8 آرگنائيزيشن فار اڪنامڪ ڪوآپريشن، جنهن کي ڊيولپلنگ – 8 پڻ چيو وڃي ٿو، بنگلاديش، مصر، انڊونيشيا، ايران، ملائيشيا، نائجيريا، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ترقياتي تعاون جي هڪ تنظيم آهي. ان تنظيم جو مقصد ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ آهي ته جيئن اقتصادي ترقي کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ زراعت، واپار، لڏپلاڻ، صنعت، توانائي ۽ سياحت ۾ بهتري آڻڻ ۽ تعاون وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي زندگي ج?? معيار کي بهتر بڻايو وڃي.