اسلام آباد ??? 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ??شم??ر تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ??شم??رين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انسا??ي حقن جي عالمي منشور کي اختيار ڪرڻ جا 77 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اسان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي ماڻهن سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪي ڀارتي قابض فوج جي هٿان وڏي پئماني تي انسا??ي حقن جي خلاف ورزين جو شڪار آهن. هن چيو ته انسا??ي حقن جي ڏينهن جي لاءِ هن سال جو موضوع ”اسان جا حق، اسان جو مستقبل، هاڻي“ خاص طور تي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي ماڻهن جي لاءِ موزون آهي. هن چيو ته اسان ڀارت تي زور ڀريون ٿا ته هو ??شم??ري عوام جي حقن ۽ آزادين کي دٻائڻ بند ڪري ته جيئن اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهن.