اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پ?? پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان کي افغانستان جي وقتي و??ير خليل الرحمان حقاني جي مارجڻ ۽ ڪابل ۾ افغان پناهگيرن جي وزارت ۾ دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهرو صدمو پهتو آهي. نائب وزيراعظم سماجي رابطي جي پ??يٽ فارم ايڪس تي دلي تعزيت پيش ڪن??ي چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي بنا ڪنهن ??رق جي مذمت ڪري ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته اسان وڌيڪ ??فص??ل ڄاڻڻ جي لاءِ عبوري حڪومت سان رابطي ۾ آهيون.