اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪشميري سياسي قيدين جي خراب حالت تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڪشميري سياسي قيدين جي خراب حالت تي ??ڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته انهن مان ڪيترائي ماڻهو جيلن ۾ غيرانساني حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن ۾ پرهجو?? قيدين وارن سيلز ۾ قيد ڪرڻ، علاج جي ضروري سهولتن کان انڪار ۽ مناسب ڪارروائي کانسواءِ مسلسل حراست ۾ رکڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڀريون ٿا ته اهي سمورن سياسي قيدين، ڪارڪنن ?? انساني حقن جي محافظن جي خلاف هٿ ٺوڪيا الزام ختم ڪن ۽ انهن کي فوري طور تي آزاد ڪن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀ??نرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ بلوچستان ۾ ڀارتي سرگرمين تي پڻ ??دشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي جي جاچ جاري آهي جنهن ۾ ڪيترائي شهري مارجي ويا آهن. هن چيو ته ڪجهه سال اڳ هڪ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جاديو کي بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارت پاران پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي پڻ ??دعمل ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪرڪيٽ تي ??ا به بيڪ ڊور ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي.