اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪس??ان ۽ ڪرغزس??ان جي و?? ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻطرفي واپار ۾ معياري مصنوعات ۽ گهڻن رُخن شعبن وسيلي اضافو ڪري سگهجي ٿو، ڪرغزس??ان سان سمورن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري ڪرغزس??ان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ سان ملاقات دوران ڪئي جنهن صدر سان ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ معياري مصنوعات ۽ گهڻن رُخن شعبن وسيلي اضافو ڪري سگهجي ٿو. صدر چيو ته ڪرغزس??ان ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪرغزس??ان سان سمورن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ تي پاڪس??ان جي ڪامياب چونڊ ۾ ڪرغزس??ان جي حمايت تي ٿورائتا آهيون. ملاقات ۾ ڪرغزس??ان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ پڻ ڳالهائيندي چيو ته دوست ملڪن سان واپار جو فروغ ڪرغزس??ان جي ترجيح آهي، ڪرغزس??ان معيشت، ڪاروبار ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. زاپاروف اڪيل بيڪ چيو ته ڪرغزس??ان جي معاشي ترقي جي ڪري تعميراتي ۽ ٽيڪسٽائيل شعبي ۾ افرادي قوت جي لاءِ وڏا موقعا آهن. هن چيو ته ڪرغز شهرين جي لاءِ پاڪستاني ويزا جاري ڪرڻ جو عمل آسان بڻائڻ تي ٿورا مڃُون ٿا.