لنڊن – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??ائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ??ائ?? وزيراعظم دولت مشترڪه سان پاڪستان جي وابستگي ۽ پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس (CAYA) سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي حمايت تي ٿورا مڃيا. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان جي دوري دوران مل??دڙ مهمان نوازي کي ياد ڪندي پاڪستان سان موسمياتي تبديلي ۽ نوجوانن جي مسئلن تي تعاون جي خواهش ج?? اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ساموآ ۾ دولت مشترڪه سربراهي اجلاس کان اڳ گڏيل ترجيحن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ??ائ?? وزيراعظم ناليواري پاڪستاني مصور اجاب خان جي پيٽنگ ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ کي پيش ڪئي.