اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري ??زا??ت چيو آهي ته موذي مرضن ۾ مبتلا ماڻهو ايندڙ سال حج نه ڪري سگهندا. گذريل ڏينهن ??زا??ت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري ??زا??ت ملڪ جي مذهبي معاملن واري ??زا??ت کي حج 2025ع بابت ايڊوائيزري موڪلي آهي جنهن موجب موذي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو ايندڙ سال حج لاءِ روانو نه ٿي سگهندا. جاري ڪيل حج ايڊوائيزري موجب موسم جي شدت کي نظر ۾ رکندي صرف صحتمند ماڻهن کي حج لاءِ سفر جي اجازت ڏني ويندي. جڏهن ته گڙدن، دل، ڦڦڙن ۽ ڪينسر جهڙين بيمارين سميت ٻين موذي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو ۽ 12 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار ۽ ڳورهارين عو??تن کي حج لاءِ سفر جي اجازت نه ڏني ويندي. ترجمان موجب حج لاءِ گ??دن ٽوڙ بخار، ڪورونا، موسمياتي انفلوئنزا ۽ پوليو ويڪسين لڳائ?? لازمي هوندي.