اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سمورين پارلياماني پارٽين کي اپيل ڪئي آ??ي ته 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير جي مناسبت سان ري??يو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين رٿيل واڪ ۾ شرڪت ڪن. ڪالهه قومي ??سيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان ان جي غير قانوني ??بض?? هيٺ ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي وئي جنهن کي 5 آگسٽ 2024ع تي پنج سال مڪمل ٿي ويندا ان ڏينهن هر سال وانگر هن سال به يوم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي، سڄي دنيا س??يت پاڪستان ۾ ان خلاف احتجاجي واڪ ۽ مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ري??يو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين ٿيندڙ واڪ ۾ سمورين پارلياماني پارٽين کي شرڪت جي اپيل آ??ي ته جيئن اهو پيغام وڃي ته ڪشمير جي مسئلي تي اسان سڀ هڪ آهيون، ان ڏينهن ايوان ۾ متفقه قرارداد به پيش ڪئي ويندي.