اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي فل??طي??ي عوام تي اسرائيلي ڏاڍ، ظلم ۽ ايران ۾ فل??طي?? جي اڳوڻي وزيراعظم اسماعيل هانيه جي شهادت جي شديد لفظن ۾ مذ??ت ڪندي متفقه قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سلامت?? ڪائونسل غزه ۾ جنگ بندي لاءِ موثر قدم کڻي ته جيئن فل??طي??ي عوام خلاف هلندڙ نسل ڪشي کي روڪي سگهجي ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ فل??طي??ين تي ڪيل ڏوهن تي جوابده بڻايو وڃي، عالمي برادري اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ فل??طي??ي عوام کي انصاف فر??هم ڪرڻ لاءِ موثر اجتماعي قدم کڻي. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار قرارداد پيش ڪندي چيو ته فل??طي??ين تي اسرائيلي ظلم ۾ واڌ ٿي آهي جنهن سان هن وقت تائين 40 هزار کان وڌيڪ معصوم جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. قومي اسيمبلي ۾ سموريون پارلياماني پارٽيون گذريل 9 مهينن کان فل??طي??ي عوام خلاف جاري اسرائيلي ڏاڍ تي متحد ٿي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيون آهن. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته جتي تهران ۾ حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه جي قتل تي ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ واڌ ٿي آهي ۽ اهڙن واقعن کي فل??طي??ين خلاف جاري ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ جي ڄاڻي واڻي طور ڏٺو پيو وڃي. محمد اسحاق ڊار چيو ته اسرائيلي قيادت انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) جي واضح فيصلن ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قراردادن، گڏيل قومن جي سلامت?? ڪائونسل، اسلامي تعاون تنظيم جي واضح فيصلن باوجود فل??طي?? جي آبادي کي انهن جي سرزمين تان بي دخل ڪرڻ تي ضد ٻڌيو ويٺي آهي ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل طرفان تنبهه ڪرڻ باوجود اسرائيل بي گناهه فل??طي??ين خلاف بنا فرق جي تشدد ۽ حملا بند نه ڪيا. قرارداد ۾ چيو ويو ته پاڪستان دهشتگردي جي انهن سمورين شڪلن جي مذ??ت ڪري ٿو جنهن ۾ عدالت کان مٿانهون قتل جي سببن کان قطع نظر ۽ خطي ۾ وڌندڙ مهم جوئي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو ته اهڙي طرح جا واقعا نه رڳو دنيا جي امن کي تباهه ڪن ٿا پر پهرين کان ئي عدم استحڪام جو شڪار خطي ۾ هڪ خطرناڪ ڇڪتاڻ کي جنم ڏين ٿا ۽ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائين ٿا. تنهن ڪري هي ايوان فل??طي?? ۾ اسرائيل طرفان جاري رياستي ڏاڍ ۽ ظلم کي مسلمان امت ۽ دنيا لاءِ هڪ الميو قرار ڏئي ٿو ان جي مذ??ت ڪري ٿو. فل??طي??ي ڀائرن ۽ ڀي??رن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ اسماعيل هانيه جي ڪٽنب ۽ فل??طي??ي عوام سان تعزيت ڪري ٿو، گڏيل قومن جي سلامت?? ڪائونسل جي قرارداد2024 (2735 ) موجب فوري ۽ جامع جنگ بندي، مصيبت سٽيل فل??طي??ين کي پائيدار ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي انساني امداد جي فر??همي ۽ غزه مان اسرائيلي قابض فوج جي فوري نيڪالي جو مطالبو ڪري ٿو. هي ايوان قرار ڏي ٿو ته پاڪستان فل??طي?? کي امداد جي فر??همي جاري رکندو ۽ مظلوم فل??طي??ي ڀائرن ۽ ڀي??رن کي پاڪستان ۾ طبي علاج سميت طبي امداد لاءِ موثر قدم کڻندو. فل??طي??ي ميڊيڪل جي شاگردن کي انهن جي تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ مفت داخلا ڏني وڃي، پنهنجي فل??طي??ي ڀي??رن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار طور 2 آگسٽ تي پوري پاڪستان ۾ يوم سوڳ ملهائڻ سميت ۽ اسرائيلي ڏاڍ جي واضح لفظن ۾ مذ??ت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته جمعي جي نماز کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ شهيد اسماعيل هانيه جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو، گڏيل قومن جي سلامت?? ڪائونسل کان مطالبو ڪري ٿو ته هو غزه ۾ جنگ بندي لاءِ موثر قدم کڻي ته جيئن فل??طي??ي عوام خلاف ڪيل نسل ڪشي کي روڪي سگهجي ۽ اسرائيل کي هن جنگي ڏوهن ۽ فل??طي?? تي ڪيل انسانيت خلاف ڏوهن جو جوابده بڻايو وڃي، قومي اسيمبلي جو هي ايوان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته هو اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ فل??طي??ي عوام کي انصاف فر??هم ڪرڻ لاءِ موثر اجتماعي قدم کڻي. قومي اسيمبلي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.