اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فا??مه خواجه سان قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاج?? پارڪ جي صدر ڊاڪٽر جيڪ لاو جمعي ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ اسٽار?? اپ ايڪو سسٽم ۽ انوويشن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير کي قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاج?? پارڪ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاج?? پارڪ جي صدر ڊاڪٽر جيڪ لاو چيو ته پاڪستاني ڪمپنيون قطر ۾ پنهنجون آفيسون قائم ڪن، پاڪستاني ڪمپنين جي قطر ۾ موجودگي وچ اوڀر جي مارڪيٽ تائين بهتر رسائي ۾ مددگار ٿيندي. چاهيون ٿا ته پاڪستاني انٽر پرينيورز قطر ۾ اچي فا??ونڊيشنل ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪن. آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فا??مه چيو ته موجوده حڪومت انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو ڌيان نوجوانن جي جديد ٽيڪنالاجي ۾ ٽريننگ ۽ انهن جي صلاحيت وڌائڻ تي آهي. اسان جا نوجوان وڌيڪ صلاحيتن وارا آهن، پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ اسٽار?? اپس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪري سگهجي ٿو، ان حوالي سان اگنائٽ ۽ قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاج?? پارڪ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اهو اهم آهي ته قطر ۾ پاڪستاني شاگردن کي قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاج?? پارڪ جو دورو ڪرايو وڃي. پاڪستان ۽ قطر ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فا??دو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ آءِ ٽي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عائشه حميرا مورياڻي به موجود هئي.