اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاق?? وزير عطاءُ الله تارڙ جمهوريت جي مضبوطي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي لاءِ صحافين جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته صحافين سان اسان جو تمام مضبوط تعلق آهي، اطلاعات وار?? وزارت جا دروازا سدائين صحافين جي لاءِ کليل آهن، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين، انهن جي حقن جو استحصال ٿيڻ نه ڏينداسين، صحافين جي قتل جي معاملن جي جاچ جي لاءِ اطلاعات وارن چئني صوبائ?? وزيرن سان اجلاس منعقد ڪيو ويندو، ڊيجيٽل رائٽس پروٽيڪشن اٿارٽي قائم ڪرڻ جي ضروري آهي، هتڪ عزت قانون تي اڃان تمام گهڻو ڪم ٿيڻو آهي، صحافتي تنظيمون ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، صحافين کي بجيٽ بڪس جي فراهمي ضروري عمل آهي ان کي يقيني بڻايو ويندو. پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪندڙ صحافين س??ن ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته صحافين سان منهنجو تعلق تمام گهڻو پراڻو آهي، جڏهن پارليامينٽ جا دروازا اسان جي لاءِ بند هئا ته ان مشڪل دور ۾ به صحافين نه رڳو اسان جا حوصلا وڌايا پر اسان جو آواز عوام تائين پهچايو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جمهوريت جي مضبوطي، صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي لاءِ صحافين ۽ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جو اهم ڪردار رهيو آهي، جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان جي سدائين ڪوشش رهي آهي ته صحافين سان ويجهو رابطو رهي، جيڪڏهن ڪنهن صحافي کي ڪو مسئلو درپيش اچي ٿو ته ان جو بنا ڪنهن فرق جي نوٽيس ورتو وڃي ٿو ۽ ان جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي ٿو، ان ڏس ۾ اطلاعات وار?? وزارت پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صحافين کي بجيٽ بڪس جي فراهمي جي حوالي س??ن ڳالهائيندي وفاق?? وزير چيو ته صحافين کي بجيٽ ڪتابن جي فراهمي ضروري عمل آهي، بجيٽ ڪتاب سالن کان صحافين کي فراهم ڪيا ويندا رهيا آهن، ڪنهن به بجيٽ ۾ اهو مسئلو درپيش نه آيو. هن ڀيري ان حوالي سان ڪميونيڪشن ۽ ڪوآرڊينيشن جا مسئلا پيش آيا آهن جنهن تي ناڻي وار?? وزارت ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽري س??ن ڳالهه ڪئي ويندي ۽ صحافين کي بجيٽ ڪتاب جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته اڄ صحافين کي ان مسئلي تي واڪ آئوٽ ڪرڻو پيو جنهن تي مون کي افسوس آهي، آئون بطور اطلاعات وارو وزير توهان جي وچ ۾ موجود آهيان ۽ صحافين سان فرنٽ لائين تي بيٺل آهيان، اطلاعات وار?? وزارت جا دروازا 24 ڪلاڪ توهان جي لاءِ کليل آهن، توهان جا مسئلا فوري حل ڪيا ويندا، منهنجي توهان کي درخواست آهي ته واڪ آئوٽ ختم ڪري واپس اچو. صحافين جي قتل جي معاملن جي جاچ جي حوالي س??ن ڳالهائيندي اطلاعات وار?? وزير چيو ته انهن ڪيسز ۾ اڪثر صوبائي معاملا آهن، 18 هين ترميم کانپوءِ اهي معاملا صوبن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن، ان ڏس ۾ چئني اطلاعات وارن صوبائ?? وزيرن سان اجلاس منعقد ڪيو ويندو ۽ هڪ مڪينزم تيار ڪيو ويندو ۽ ان معاملي تي ڪميٽي جوڙي ويندي جنهن کي نوٽيفائي ڪيو ويندو. هتڪ عزت قانون جي حوالي س??ن ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ملڪ مان وڏا ميڊيا هائوسز به هڪ ٻئي جي خلاف هتڪ عزت ڪيسز جي لاءِ برطانيا وڃن ٿا ڇو ته اسان وٽ هتڪ عزت قانون تي صحيح طريقي سان عمل نه ٿو ٿئي. هن چيو ته هتڪ عزت قانون جي حوالي سان صحافتي تنظيمون پنهنجون تجويزون ڏين، انهن تي پنجاب حڪومت س??ن ڳالهه ڪئي ويندي. هن چيو ته هتڪ عزت قانون سڀني جي لاءِ آهي، اهو رڳو رياستي ادارن ۽ حڪومتن جي لاءِ نه آهي. هن چيو ته ڪنهن به شخص کي اهو حق حاصل هجڻ گهرجي ته هو هتڪ عزت تي عدالت سان رجوع ڪري سگهي. هن چيو ته ملڪ ۾ عدالتون ۽ قانون موجود آهي، جيڪڏهن ڪنهن تي ڪو الزام لڳي ٿو ته ان کي عدالت ۾ ثابت ٿيڻ گهرجي، اهونه ٿيڻ گهرجي ته ماڻهن کي سرعام قتل ڪيو وڃي. اطلاعات وار?? وزير چيو ته ڊيجيٽل رائٽس پروٽيڪشن اٿارٽي قائم ڪرڻ ضروري آهي، ان حوالي سان صحايفن سان گڏجي ويهي ڳالهه ڪئي ويندي. هن چيو ته ان معاملن تي وڏي پئماني تي مشاورت ۽ حڪمت عملي ضروري آهي، صحافي هتڪ عزت بل جي حوالي سان پنهنجون تجويزون پيش ڪن، اسان پنجاب حڪومت س??ن ڳالهه ڪنداسين. ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي پگهارن جي عدم ادائيگي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سدائين ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي پگهارن جي ادائگي ?? دير جهڙن مسئلن کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي، ان حوالي سان پي بي اي ۽ اي پي اين ايس ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي رهتن جي ادائيگي تي اسان جو فوڪس آهي، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي حقن جو استحصال ٿيڻ نه ڏينداسين. بعد ۾ صحافين اطلاعات واري وفاق?? وزير جي خاطري تي قومي اسيمبلي اجلاس مان واڪ آئوٽ ختم ڪري ڇڏيو.