پشاور -01 جولاءِ (اي پي پي) خيبر ضلعي جي پوليس چوڪي تخته بيگ تي گذريل رات دهشتگردن راڪيٽ لانچرن ۽ وڏن ڳرن هٿيارن سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس ۽ هڪ ايف سي اهلڪار شهيد ??ي ويا. ڊي پي او خيبر سليم عباس ڪلاچي چيو ته پوليس جا جوان اڳ ئي الرٽ هئا، ه?? چيو ته ٻنهي تخته بيگ ۽ نواب شاهه شهيد چوڪين جي اهلڪارن همت ۽ بهادري سان مقابلو ڪندي حملي کي ناڪام بڻايو. ه?? چيو ته دهشتگرد رات جي اونداهي جو فائدو وٺي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا. حملي جو اطلاع ملن??ي ئي خيبر پوليس جي و??ي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ ??پريشن شروع ڪيو.