اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ طبي تعليم بابت ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ ميڊيڪل ايجوڪيشن سسٽم جو جامع جائزو و??ندي طبي تعليم کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جي بهتر?? ۽ ??رقي جي لاءِ اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي، خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني ميڊيڪل شاگردن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هڪ منصوبو جوڙڻ تي ڌيان ڏنو و??و. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، وزيراعظم صحت بابت ڪوآرڊينيٽر، صحت واري سيڪريٽري، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن، ايم اين اي نفيسا شاهه ۽ چيئرمين هايئر ايجوڪيشن ڪميشن، ناليواري سرڪاري ۽ نجي طبي ادارن جي سربراهن ۽ ناليوارن ماهرن شرڪت ڪئي. طبي تعليم بابت ڪميٽي وزيراعظم 20 ميئ 2024ع تي جوڙي هئي. وزيراعظم شهباز شريف نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي ان جي ڪنوينر طور چونڊيو. ميمبرن ۾ طبي برادري، تعليم جي شعب?? ۽ ??رڪاري عملدارن جون اهم ڌريون شامل آهن. ڪميٽي جو مقصد سڄي ملڪ ۾ طبي تعليم ۾ سڌارا آڻڻ آهي، اهو قدم ايندڙ نسلن جي لاءِ صحت جي سارسنڀا?? جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ مستقبل ۾ صحت جي سارسنڀال ڪندڙ پيشيوار ماڻهن جي طبي تربيت جي اعليٰ ترين معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جي نشاندهي ??ري ٿو. نائب وزيراعظم ملڪ ۾ طبي تعليم جي خال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جي اهم ذميواري تي زور ڏنو. هن طبي شاگردن جي لاءِ صحت جي سارسنڀا?? جي شعبي ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحو?? جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم سمورن صوبن ۾ طبي تعليم جي عالمي معيار کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ طبي تعليم جي ريگيوليٽري فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ ۽ هڪ جهڙي اعليٰ معيار جي تعليم کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ طبي ادارن ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن مڪينزم قائم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اجلاس ۾ ڪميٽي پاڪستان ۾ ميڊيڪل ايجوڪيشن سسٽم جو جامع جائزو ورتو جڏهن ته طبي تعليم کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جي بهتر?? ۽ ??رقي جي لاءِ اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي. ڪميٽي خصوصي طور تي ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني ميڊيڪ?? جي شاگردن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هڪ منصوبو جوڙڻ تي ڌيان ڏنو. ڪميٽي طبي شاگردن کي انهن جي تعليمي ۽ پيشيواراڻي ڪوششن ۾ مدد ۽ بااختيار بڻائڻ جي حڪمت عملين تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۽ سفارشون پڻ پيش ڪندي. تفصيلي بحث کانپوءِ هڪ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ صحت بابت نيشنل ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد کي ڪنوينر ۽ طارق باجوه کي ڪو – ڪنوينر بڻايو و??و. ايگزيڪيوٽو ڪميٽي موجوده ٽي او آرز سان گڏوگڏ ريگيوليٽري ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي، پاڪستان ۾ غيرملڪي شاگردن جي لاءِ طريقيڪار کي هموار ڪرڻ ۽ نصاب ۾ هڪ جهڙي سميت اضافي ڪمن تي غور ڪندي. ڪميٽي جي رپورٽ پاڪستان ۾ ميڊيڪل گريجوئيٽس جي موجوده صحت جي سارسنڀا?? جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ ۾ مهارت کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. رپورٽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ته ميڊيڪل گريجوئيٽس اسان جي شهرين کي اعليٰ سطح جي سارسنڀال فراهم ڪرڻ جي لاءِ گهربل علم ۽ مهارت سان ليس آهن.