اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهرن کي م??ام?? ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ، بجلي جي پهچ نظام کي بهتر بڻائڻ، فعال جنڪوز جي نجڪاري ۽ غيرفعال جنڪوز جي نيلامي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ بجلي جي ويلنگ جا اگهه گهٽ ڪرڻ جي ??دا??ت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اڳتي رڳو صاف ۽ گهٽ لاڳت وارا پن بجلي ۽ قابل تجديد توانائي جا پلانٽس هنيا ويندا، بجلي جي في يونٽ قي??ت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي شعبي جي حوالي سان قدمن تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، سردار اويس احمد خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، بجلي جي اڳوڻي وزير محمد علي، قومي اسيمبلي ميمبر بلال اظهر ڪياني، راڻا احسان افضل، سلمان احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ??دا??ت ڪئي ته ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهرن کي م??ام?? ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ بجلي جي پهچ نظام کي بهتر ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ اڳتي رڳو صاف ۽ گهٽ لاڳت پن بجلي ۽ قابل تجديد جا پلانٽ هنيا ويندا. اجلاس کي ٻاهرئين سيڙپڪاري تحت 600 ميگاواٽ ش??سي توانائي جي منصوبي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شمسي توانائي جي ان منصوبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي سان قدمن کي تيز ڪرڻ جي پڻ ??دا??ت ڪئي. وزيراعظم ??دا??ت ڪئي ته بجلي جي ويلنگ جي اگهن کي گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن صنعتي صارفين کي گهٽ لاڳت تي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿئي، صنعتي تري ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ وڏين صنعتن جي ويجهو گرڊ اسٽيشنون قائم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، اهڙا بجلي گهر (جنڪوز) جيڪي فعال آهن انهن جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، اهڙا بجلي گهر (جنڪوز) جيڪي غيرفعال ۽ ناڪاره حالت ۾ آهن انهن جي نيلامي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته بجلي جي موجوده اضافي صلاحيت کي صنعتن ۾ بهتر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ تجويزون تيار ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو جي لاءِ بجلي جي في يونٽ قي??ت ۾ گهٽتائي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، بجلي شعبي جي گردشي قرضن ۾ گهٽتائي جي لاءِ شعبي جا ترجيحي بنيادن تي سڌارا جاري آهن. اجلاس کي بجلي شعبي جي موجوده پيداوار ۽ پهچ نظام جي حوالي سان تفصيلن، حڪومتي قدمن ۽ تجويزن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي مستقبل ۾ بجلي جي کپت ۽ طلب جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته درآمدي ڪوئلي سان هلندڙ منصوبن کي م??ام?? ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ سان نه رڳو قي??تي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو پر في صارفين جي لاءِ في يونٽ قي??ت ۾ 2 رپيا گهٽتائي ممڪن ٿيندي. وزيراعظم سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي ??دا??ت ڪئي.