اسلام آباد_01 مارچ (اي پي پي )اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو . پولنگ 9 مارچ تي ٿيندي . جاري شيڊول مطابق اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ 2 مارچ منجهد جو 12 وڳي تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا . ريٽرننگ آفيسرن طرفان انهن جي ڇنڊ ڇاڻ 4 مارچ تي 10 و??ي ٿيندي . اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ 5 مارچ تي 12 وڳي تائين واپس وٺي سگهجن ٿا . ساڳئي ڏينهن اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪئي ويندي . اميدوار 6 مارچ مارچ تي ريٽائرڊ ٿي سگهندا . پولنگ 9 مارچ تي 10 و??ي کان 4 وڳي تائين ٿيندي . ان لاءِ پنج پولنگ اسٽيشنون قائ?? ڪيون ويون آهن. چئني صوبائي اسيمب??ين جي عمارتن ۾ قائم پولنگ اسٽيشنن تي صوبائي اسيمب??ين جا ميمبر رائي جو حق استعمال ڪندا . قومي اسيمبل?? ۽ ??ينيٽ جي ميمبرن لاءِ پارليامنٽ هائوس پولنگ اسٽيشن طور استعمال ٿيندي .