اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??ينيٽ جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چيئرمين سينيٽ ۽ هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جي م??مب??ن نگران حڪومت ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وزير جا سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪردار تي ٿورا مڃيا. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??ينيٽ اجلاسن کي بهتر طريقي سان هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن سينيٽ م??مب??ن جي سوالن کي غور سان ٻڌو ۽ انهن جا تفصيلي جواب ڏنا جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته نگران حڪومت جي بنيادي ذميواري ملڪ ۾ آزادا??يو??، منصفا??يو?? ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ هُئي، ان مقصد جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۽ ادارن جو تعاون گهربل هو. هن چيو ته نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين سان هڪ جهڙا لاڳاپا رکڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪنهن به پارٽي سان ڪو امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويو. هن نگران حڪومت کي هر ممڪن تعاون جي فراهمي تي سينيٽ چيئرمين ۽ سينيٽ م??مب??ن جا ٿورا مڃيا.