اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گلگ?? بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ صدر ۽ گلگ?? بلتستان جي گورنر جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گلگ?? بلتستان جي مجموعي ص??رت??ال، ڪڻڪ سبسڊي، بلتستان يونيورسٽي ۽ اسڪردو جا مسئلا غور هيٺ آيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس باور ڪرايو ته ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي هن نگران وزيراعظم ۽ ناڻي واري نگران وفاقي وزير سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته گلگ?? بلتستان جي ٻين مسئلن سميت ڪڻڪ سبسڊي جو معاملو پڻ حل ڪيو ويندو. صدر چيو ته نگران وزيراعظم گلگ?? بلتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن سان ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي ملاقات جي لاءِ اتفاق ڪيو آهي. واضح رهي ته گلگ?? بلتستان ڪائونسل جي وفد گذريل ڏينهن علائقي جي مسئلن ۽ سبسڊي جي معاملي تي صدر سان ملاقات ڪئي هئي. صدر وفد کي گلگ?? بلتستان جي مسئلن تي لاڳاپيل فورمز سان ڳالهه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي.