ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت خوراڪ جي تحفظ، ز??اع??، پن بجلي، معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي 7 معاهدن ۽ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيو?? آهن. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ ڪويت جي فرسٽ ڊپٽي وزي??اع??م ۽ گهرو وزير شيخ طلال الخالد الاحمد الصباح سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آرمي چيف جنرل سيد عا??م منير پڻ موجود هو. ٻنهي اڳواڻن ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ 7 معاهدن ۽ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. رياست ڪويت پاران پاڪستان جي مختلف شعبن بشمول فوڊ سيڪيورٽي، ز??اع??، پن بجلي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي سرگرمين ۾ تعاون جي لاءِ کاڻين جي کوٽا فنڊ قائم ڪرڻ، ٽيڪنالاجي زونز ڊيولپمينٽ ۽ مينگروو جي تحفظ سميت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي 7 معاهدن ۽ ثقافت ۽ آرٽ، ماحوليات ۽ پائيدار ترقي جي سعبن ۾ تعاون جي لاءِ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي رفتار تي انتهائي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ پاڪستان ۽ ڪويت لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزي??اع??م ڪويت سان انهن معاهدن کي انهن ڪاميابين ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل قرار ڏنو جيڪي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي پليٽ فارم تان ملڪ جي لاءِ سامهون اچي رهيو?? آهن. نگران وزي??اع??م ڪويت جي امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح جي صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.