اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نومبر ۾ شهيد ٿين??ڙ پاڪ فوج جي جوانن جي گهرڀاتين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي غريوم، اتر وزيرستان ۾ 20 نومبر تي شهيد ٿيندڙ سپاهي شاهزيب جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. صدر جي 12 نومبر تي مير علي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي محمد سهيل جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر جي پسني، بلوچستان ۾ 3 نومبر تي شهيد ٿيندڙ لانس حولدار باسط عمران جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. صد?? شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمت?? ۽ ??رباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صد?? شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي. صدر پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار، صبر جميل جي دعا ڪئي.